History Of Internet | story of internet in Sindhi



انٽرنيٽ ڪڏهن ۽ ڪيئن وجود ۾ آيو؟ ….روشن داس



انٽرنيٽ جو باني ڪير آهي ۽ ان ڇا جي لاءِ انٽرنيٽ ٺاهيو ھو؟ اھا ڄاڻ گھٽ ماڻهن کي ھوندي. جڏھن ته انهي رابطن واري نظام کي ٺاھيندي 35 کان 40 سال ٿي چڪا آهن. انٽرنيٽ جو پھريون نالو آرپينٽ ھو. برطانيا سان تعلق رکندڙ ويلش سائنسدان ڊونلڊ ڊيوس 1969ع ۾ مواصلاتي رابطي آرپينٽ کي ڊزائين ڪيو، جنھن کي ان وقت صرف آمريڪي دفاعي کاتي جي رابطن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو، جنھن کي وسيع ڪرڻ لاءِ آمريڪي يونيورسٽين ۽ ريسرچ سينٽرن ۾ ان تي ڪم ڪيو ويو، خاص طور تي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۽ اسٽين فورڊ ريسرچ انسٽيٽوٽ ان نيٽ ورڪ کي جديد ۽ فعال ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.

سن 1973ع ۾ انٽرنيٽ پروٽوڪول ڪميونيڪيشن سسٽم کي وڌيڪ وسيع ۽ طاقتور بڻائڻ جو ڪم ٿيو، جنھن کانپوءِ ان مواصلاتي رابطي سان ڪميونيڪيشن واري دنيا ۾ انقلاب اچي ويو. انٽرنيٽ جو نظام اڳ موجود رابطن واري نظام جي ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاھيو ويو. برطانوي سائنسدان ٽم برنلي 6 سالن کان پوءِ انھي رابطي کي استعمال ڪندي 1989ع ۾ انٽرلنڪ ھائپر ٽيڪسٽ ڊاڪومينٽس ايجاد ڪيو جنھن بعد ورلڊ وائيڊ ويب جو نالو ورتو، جڏھن ته 1983ع ۾ پھرين جنوري تي انٽرنيٽ نظام کي باقاعده طور استعمال ڪيو ويو ھو، جيڪو ھن وقت سستو مواصلاتي رابطن وارو نظام بڻجي چڪو آهي ۽ ڪروڙين ماڻھو انھيءَ ذريعي پنھنجو ڪم ڪن ٿا ان حوالي سان پھرين جنوري کي وليگ ڊي جو نالو به ڏنو ويو.

جڏهن ته آمريڪي دفاعي کاتي مواصلاتي رابطن واري نظام کي انٽرنيٽ پروٽوڪول ڪميونيڪيشن سسٽم ۾ تبديل ڪيو پر انٽرنيٽ کي شروعاتي ٺاھيندڙ ڊونلڊ ڊيوس کي پاڻ اھا توقع نه ھوندي ته سندس ٺاھيل مواصلاتي رابطن وارو نظام اڳتي هلي ايترو وسيع ۽ فائديمند ثابت ٿيندو ۽ آرپينٽ انٽرنيٽ ۾ تبديل ٿي ويندو

Post a Comment

My Instagram

Copyright © محبوب ھنڱورجو. Made with by OddThemes