محبوب ھنڱورجو
ڪجھ وقت اڳ مون ھڪ آرٽيڪل لکيو ھو جنھن ۾ مون لکيو ھو ته انٽرنيٽ ھلائي آن لائين پئسا ڪيئن ڪمائبا آھن. پر ان ۾ ڪجھ شيون منجھائيندڙ ھيون. ۽ ڪافي دوستن انھن بابت ڪميٽس به ڪيا ته اھو توھان سولي نموني سمجھايو! ڇا انٽرنيٽ تي بغير محنت جي پئسا ملن ٿا؟ يا وري سڄو ڏينهن ڪم ڪرڻو پوندو؟ Personal Conten ڇا آھي؟ ڪاپي رائيٽ ڇو ايندو آھي؟ وغيره وغيره
سڀ کان پھرين ڳالهه ته انٽرنيٽ تي پئسا ڪمائڻ لاءِ به توھان کي محنت ڪرڻي پوندي پوء ڀلي توھان فليور تي ڪم ڪيو يا ڪنھن سوشل سائيٽ يوٽيوب بلاگر فيسبڪ وغيره تي پر توھان کي ان لاءِ ٽائم ڪڌڻو پوندو.
ٻي ڳالهه ته لازمي ناھي توھان سڄو ڏينهن رات ان تي ڪم ڪندا رھو توھان آن لائن ڪم کي پارٽ ٽائيم بنايو ان لاء الڳ وقت مقرر ڪيو جنھن وقت توھان واندا آھيو .
باڪي پرسنل ڪونٽين مان مراد توھان جو ذاتي مواد جيڪو ڪم توھان رکو ٿا اھو ڪنھن جو ٿيئل نہ کڻو! پنھنجو ڪم ڪيو مثال طور توھان ڪنھن ٻي جي يوٽيوب چينل جي وڊيو ڊائونلوڊ ڪري ان کي پنھنجي چينل تي رکو ٿا ته اھو غلط آھي ۽ توھان کي يوٽيوب ڀائيوار منصوبي (YouTube Partner Program) ۾ شامل نه ڪيو ويندو.
ڪاپي رائيٽ اسٽرائيڪ ان صورت ۾ ايندي آھي جڏھن توھان ڪنھن ٻي جو مواد کڻو ٿا ته ان کي حق ڏنو ويندو آھي ته ھو توھان کي نقل ڪيل مواد جي چيٽاوني ڏي ۽ پوءِ توھان جي وڊيو تي ايندڙ اشتھارن جي ڪمائي مان جيڪو توھان جو حصو ھوندو آھي مطلب %43 ان مان اڌ ان کي ملندو جنھن جو توھان مواد کنيو ھو
ٻي صورت ۾ توھان کي اھو مواد ناھي رکڻو ۽ ھا ڪافي دوست پڇن ٿا ته يوٽيوب تي ڪم ڪرڻ ڏکيو ته ناھي ؟ يوٽيوب تي ڪم ڏکيو به آھي ۽ سولو به آھي. پھرين ڳالهه ڏکيو ان ڪري آھي ته توھان جو جڏهن ھنن موضوعن مان ڪو به موضوع آھي
تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي،خبرون، زندگي جي نواڻ ، وغيره وغيره.
ان موضوع تي الڳ ڪالم لکڻو پوندو.
ٻي ڳالهه سولو تڏهن آھن جڏھن توھان موسيقي ، شوبز،مزاہ،سير سفر ، بابت وڊيو ٺاھيو ٿا .
ان ۾ توھان کي ڪنھن بہ ٽائپ موضوع لاء ڳولھا ڪرڻ جي ضرورت ناھي .
اڪثر پڇيو ويندڙ سوال: يوٽيوب تي پذيرائي ڪيئن حاصل ڪجي؟
جڏهن به توھان ڪم شروع ڪندا آھيو ته اھو يقينن تمام گھٽ ھلندو آھي مثال وٺجي ڪو ماڻھو ٺھلو ″گاڏو″ لڳائي ٿو تہ ان جو شروع ۾ ڪافي گھٽ ڌنڌو ٿيندو جيستائين ان جي گرھاڪي ٿئي ۽ ماڻھو ان جي ٺھلي کان واقف ٿين ۽ ھتي ھڪ ٻي ڳالهه به چوندس ته جيڪڏهن اھو گاڏي وارو سٺو سامان ڏي ٿو ۽ گھٽ اگھہ وٺي ٿو ته ظاھر آھي اھو جلدي مشھور ٿي ويندو .
بلڪل ان طرح جڏھن اسان يوٽيوب تي ڪم ڪيو ٿا تہ اسان جو ڪير ناھي ڏسندو پر جڏهن اسان جو ڪم آهستي آهستي اڳتي وڌندو آھي ته ان جي ڏسندڙن ۾ به واڌ ايندي آھي
۽ ڪجھہ ڪمن ۾ خيال ڪرڻ گهرجي جيڪي توھان کي ھيٺ ٻڌايان ٿو
ھڪ: ٿمبنيل اٽيڪٽو ٺاھيو جيڪو ڏسي اھو توھان جي وڊيو ڏسڻ کان رھي نه سگھي .
ٻہ: ڊسڪرپشن ۾ اھو ضرور لکو ته توھان جي وڊيو ڪنھن موضوع بابت آھي ۽ ان ۾ توھان ڇا ڏيکارڻ چاھيو ٿا.
ٽي : ٽيگ اھي لکو جنھن سان ملندڙ توھان جي وڊيو آھي ايئن ڪڏھن به نه لکو جو توھان جي وڊيو ھڪ ولوگ ھجي ۽ ٽيگن ۾ ممتاز مولائي لکيل ھجي اھو غلط آھي ان سان يوٽيوب سمجھي ڪون سگھندو آھي ته توھان جي وڊيو ڪھڙي ٽاپڪ جي آھي ۽ ڪير اھا وڊيو ڏسڻ چاھي ٿو .
۽ ھڪ ڳالهه جو ھميشه خيال رکو ته توهان جي 5 منٽ جي وڊيو کي گھٽ ۾ گھٽ ماڻھو 3 کان ساد3 منٽ ڏسن تڏھن ئي توھان جي وڊيو کي يوٽيوب اڳتي ٻين ماڻھون کي به اھا وڊيو ڏيکارڻ چاھيندو
۽ ھا مون سنڌيءَ ۾ يوٽيوب جو مڪمل ڪورس يوٽيوب تي ئي اپلوڊ ڪيو آھي جنھن ۾ مون بلبڪ سادي نموني ٻڌايو آھي ته موبائيل فون ذريعي توھان يوٽيوب جو چينل ڪيئن ٿا شروع ڪري سگھو ڪيئن ٽيگ ڏجن ڊسڪرپشن ٽائٽل لکجي ٿمبنيل ڪيئن ٺاهجي وغيره وغيره ان لاءِ ھڪ الگ پلي لسٽ جي لنڪ ھيٺ ڏجي ٿي
https://www.youtube.com/playlist?list=PL59pWv34SLvA_dKogp6u4DIj_twuo-X8d
۽ جيڪڏھن توھان کي لنڪ نه ملي يا ڪنھن ٻي دوست جي لنڪ ملي جنھن ھن پوسٽ کي شيئر ڪيو ھجي ته پوءِ توھان يوٽيوب تي سرچ ڪري وٺو ″محبوب ھنڱورجو″ ۽ پوءِ پلي لسٽ کولي ان مان يوٽيوب ڪورس جي پلي لسٽ ڏسو
Geo Ada
ReplyDeleteھل ڙي بندوق تنھنجا ٺڪاء
ReplyDeleteGood Work Bha
ReplyDelete