Home Unlabelled Do You Know What IS The Meaning OF Wi Fi ?
Do You Know What IS The Meaning OF Wi Fi ?
By Mehboob Hingorjo At 03:00 0
WI-FI
جو مطلب ڇا آهي؟
*اڄ ڪلهه واءِ فاءِ لفظ کان ننڊو وڏو واقف آهي ۽ هي وائرليس انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي زندگي جو حصو بڻجي چڪي آهي. پر ڇا توهان کي خبر آهي هي ڪهڙي لفظ جو مخفف آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن ٽيڪنالاجي جي ماهر کان پڇندا ته هو چوندو واءِ فاءِ جو حرف وائرليس فائڊلٽي جو مخفف آهي ۽ دل کي وڻندڙ ڳالهه اها آهي ته وڏي کان وڏو ماهر توهان کي جواب ۾ اهو ئي ٻڌائيندو، پر اهو جواب صحيح ناهي. ته پوءِ حقيقت ڇاهي؟ اها هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي. هي سال 1999ع جي ڳالهه آهي ته وائرليس ايٿرنيٽ ڪمپيٽيبليٽي الائنس نالي هڪ سائنسي گروپ تيز ترين وائرليس انٽي سٽنڊرڊ
IEEE802-11b
جي لاءِ ڪو هلڪو نالو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڪم لاءِ هڪ انٽر برينڊ ڪمپني کي اها ذميواري ڏني وئي. ڪمپني 13 نالا تجويز ڪيا جن ۾ سڪاءِ بريج، ٽارچ لائٽ ۽ فلاءِ اوور جهڙا نالا شامل هئا. انهن ۾ ئي هڪ واءِ فاءِ به هو. هن نالي جو وائرليس فائڊلٽي سان ڪو به تعلق نه هو، جيتوڻيڪ هاءِ فاءِ سان ملندڙ نالو هو جنهن جو مقصد انٽرنيٽ جي تيز ترين اسپيڊ کي ظاهر ڪرڻ هو ۽ ائين ئي وائرليس انٽرنيٽ جي لاءِ اهو نالو استعمال ٿيڻ لڳو.*
Subscribe to:
Post Comments
(
Atom
)
Post a Comment